ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ پوليس جو گهر تي ڇاپو، ماءُ ۽ ڀاءُ جي هٿان تشدد جو شڪار شاگردياڻي بازياب، ناري منائل تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون هيون جنهن بعد گهرو وزير پاران نوٽيس ورتو ويو. خبر موجب ملير ڪينٽ پوليس ملير ۾ ڪارروائي ڪري گهر تي ڇاپو هڻي ماءُ ۽ ڀاءُ جي هٿان تشدد جو شڪار ٿيل شاگردياڻي منائل کي بازياب ڪرائي ورتو، ناري منائل پاران مٿس تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون هيون جنهن بعد صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرايو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير موجب ملير جي علائقي ۾ گهر اندر تشدد ٿيل ناري منائل پاران مٿس تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون جنهن تي گهرو وزير پاران نوٽيس ورتو ويو، ملير پوليس ڪارروائي ڪندي تشدد ٿيل ناري کي سندس گهر مان بازياب ڪرائي ورتو، ايس ايس پي ملير موجب متاثر ناري الزام مڙهيو آهي ته مٿس سندس امڙ ۽ ڀاءَ تشدد ڪندا هئا جنهن مجبور ٿي پاڻ مٿان ٿيل تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، بازياب ڪرايل ناري منائل موجب هوءَ گذريل 10 سالن کان قطر ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي تعليم حاصل ڪري رهي آهي جتان عيد ملهائڻ لاءِ مائٽن وٽ آيس جتي منهنجي امڙ ۽ ڀاءَ پاران سخت تشدد جو نشانو بنايو جنهن بعد منهنجي پيءُ ۽ ٻي ڀاءُ کي به ڄاڻ آهي پر انهن منهنجي ڪا به مدد نه ڪئي هڪ هفتو اڳ منهنجي ماءُ پاران مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد منهنجي سهيلي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري مون کي بازياب ڪرايو، هن چيو ته مان پنهنجي گهر کان وڌيڪ پوليس ٿاڻي تي پاڻ کي محفوظ سمجهان ٿي ۽ واپس قطر وڃي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿي.