ملير (رپورٽر ) ملير  ۾ هٿاربندن جي گهر  ۾ فائرنگ : گهر ڌياڻي قتل، ان ڏس ۾ ملير جي علائقي گلشن بونير  ۾ هٿياربندن گهر  ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري 35 ورهين جي رضيه زال ثناءُالله کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او قائدآباد ٻڌايو ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، مقتولا جي ڌيءَ ٻن هٿياربندن کي ڏٺو هو، پوليس موجب رضيه جو مڙس رات جي وقت چوڪيداري ڪندو آهي، جيڪو واقعي وقت گهر  ۾ موجود نه هو.