ملير(اسپورٽس نيوز) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو آهي ته رانديون صحتمند معاشري لاء ضروري آهن راندين سان نوجوان نسل سماجي براين ۽ منشيات کان بچي سگهندا۔ راندين جا گرائونڊ آباد ٿيندا ته اسپتالون ويران ٿينديون اهڙو اظهار هن شفيع اليون فٽبال گرائونڊ ۾ ٿيبدڙ آل ڪراچي سيٺ دائود جت فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي نوجوانن کي راندين جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون۔ راندين جي گرائونڊن کي صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻايو ويو آهي۔ اسپورٽس ڪلبن کي راندين جا سامان ڏنا ويا آهن ته جيئن نوجوان راندين ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺا سگهن ۔ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران راندين کي هٿي وٺرائڻ لاء رمضان ۾ ڪرڪيٽ ۽ ڦٽبال جا نائٽ ٽورناميبٽ ڪرايا ويا آهن نوجوانن جون راندين ۾ دلچسپي ڏسي ڏاڊي خوشي ٿي آهي۔ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ڦٽبال ملير جي نوجوانن جي پسنديده راند آهي۔ نوجوانن کي اسپورٽس جون سموريون سهولتون مهيا ڪنداسين ته جيئن ملير جا نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پنهنجو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. ان موقعي تي پ پ ملير جي صدر ايم پي اي راجا رزاق بلوچ ۔ ڊپٽي ميئر سلمان مراد۔ وائيس چيئرمين رفيق جت۔ سيٺ عزيز دائود جت۔ عبدالغني جت ۔ محمد بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران فٽبال مئچ جو فائنل کٽيبدڙ ٽيم اسماعيل ميموريل جي ڪپتان کي ٻه لک روڪ ۽ ٽرافي انعام طور ئني ۔ ان موقعي تي شائقين وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔ جن سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائي هوڪرا ڪري ميچ مان لطف اندوز ٿيندي رانديگرن جي حوصلا فزائي ڪندا رهيا۔ فٽبال ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي جي 78 ٽيمن حصو ورتو۔ فائنل اسماعیل ميموريل ۽ بلوچ يوٿ ۾ ٿيو جنهن ۾ اسماعيل ميموريل هڪ گول جي مدد سان فائنل کٽي ورتو۔