ملير (رپورٽ: ناز شر) اسٽيل ٽائون پوليس جو فلٽر پلانٽ ويجهو مبينا مقابلو، پوليس پاران مبينا ڏوهاري ڄاڻائي مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ، مارجي ويل جوابدار گلشن حديد ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ڪيل واپاري واري واقعي ۾ ملوث آهي: پوليس، اسٽيل ٽائون پوليس 4 مئي تي نوجوان کي گهگهر ۾ پنهنجي دڪان تان ماڻهن جي روبرو گرفتار ڪيو ٽن ڏينهن بعد ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪيو ويو آهي: مقتول جي ماءُ حول خاتون، خبر موجب: اسٽيل ٽائون پوليس جو فلٽر پلانٽ سوئي گيس لائين ويجهو مبينا مقابلو، پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 32 ورهين جي فياض عرف اڪبر ناريجو پٽ رفيق احمد طور ٿي آهي، پوليس پاران هڪ رپيٽر ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي ٻڌايو ته فلٽر پلانٽ ويجهو گشتي پوليس کي ڏسندي ڏوهارين پاران فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان هڪ رپيٽر، ڪارتوس ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتي آهي، پوليس موجب فياض عرف اڪبر ناريجو ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن حديد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل واپاري دانش پٺاڻ جي واقعي ۾ ملوث هو, ملزم اسٽيل ٽائون سميت ڪراچي جي مختلف ٿاڻن جي حد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل ڦرجي وارداتن ۾ ملوث آھن، ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان فياض ناريجو جي امڙ حول خاتون صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي اسٽيل ٽائون پوليس 4 ڏينهن اڳ منهنجي پٽ کي گهگهر شهر مان دڪان تان کنڀي گم ڪيو هو جنهن جي شاهد ڀرپاسي جا دڪاندار ۽ عام ماڻهو آهن جنهن بعد اسان ٿاڻي تي رابطو ڪيو جتان ڪو به ڏس پتو نه مليو جنهن بعد اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن بعد منهنجي پٽ جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران کيس ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي، هن چيو ته فياض ناريجو منهنجو اڪيلو پٽ هو جيڪو دڪان تي محنت مزدوري ڪري گهر جو خرچ پکو هلائيندو هو کيس بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي کڻي چئن ڏينهن کانپوءِ عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي، هن دانهيندي وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کي مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي پٽ جي ناحق قتل ۾ ملوث ايس ايچ او اسٽيل ٽائون ۽ ٻين ذميدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ تي ايس ايچ او اڄ عدالت طلب ٿيل

ملير : اسٽيل ٽائون پوليس پاران گهگهر مان گرفتار ڪري مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل فياض عرف اڪبر ناريجو جي ماءُ حول خاتون پاران پٽ جي گرفتاري ۽ گمشدگي واري درخواست تي جوڊيشل مئجسٽريٽ 5 جو اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، مئجسٽريٽ پاران ٿاڻي تي پهچي رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ڪا به داخلا نه هئڻ بعد مئجسٽريٽ پاران سڀاڻي (اڄ) ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي کي رڪارڊ سميت عدالت طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ نثار ناريجو “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته نوجوان کي گهگهر مان دڪان تان کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن خلاف نوجوان جي ماءُ پاران ملير جي عدالت ۾ پٽ جي گمشدگي جي درخواست تي مئجسٽريٽ پاران ڇاپو لڳايو ويو پوليس نوجوان کي ظاهر ڪرڻ بدران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، هن چيو ته نوجوان کي ويجهي کان مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضح ٿي ويندو ته مقابلو آهي يا قتل آهي.