ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ شڪارپور کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار بس ڪلٽي: هڱورجا واسي ماءَ پٽ سوڌو 5 مسافر فوت: 14 زخمي، ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾گلشن حديد جي لنڪ روڊ تي شڪارپور کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 5 مسافر فوت ٿي ويا، فوتين جي سڃاڻپ هڱورجا واسڻ 60 ورھين جي پناھه خاتون منگي، سندس 25سالن جي پٽ غلام فريد منگي، پير ڳوٺ واسي 59 ورھين جي عبدالغفور پٽ محمد اسماعيل ميمڻ، 35 ورھين جي ڪوثر خاتون زال سعيد، 30 ورھين جي غلام سرور پٽ محمد علي طور ٿي، جڏھن تھ حادثي ۾ عبدالغني پٽ غلام حيدر، محمد افضل پٽ محمد اشرف، ضمير حسين پٽ رزاق ملاح، سرداران خاتون زال ڪريم بخش، سنگھار علي ، ڪاشف خان پٽ ناصر خان، پري زادي زال ناصر خان، بختاور، ڪاشف، غلام سرور، نواز علي، معصوم ٻارڙي مصباح، اويس، بس ڪنڊيڪٽر سجاد زخمي ٿيا، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ ڳوٺاڻن پهچي بس مان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب واقعو تيز رفتاري دران اوور ٽيڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو، تيز رفتار بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ کان ھيٺ ڪري پئي.