ملير ۾ شهرين پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي: ٻن ڄڻن کي پڪڙي تشدد

0
215
ملير ۾ شهرين پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي: ٻن ڄڻن کي پڪڙي تشدد
ملير ۾ شهرين پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي: ٻن ڄڻن کي پڪڙي تشدد

ملير(رپورٽر) ملير ۾ شهرين پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، چوري جي الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو ويو

ريڙهي ڳوٺ ۾ شهرين پنهنجي عدالت لڳائي جنهن ۾ چوري الزام هيٺ نوجوان حسين ۽ سندس ساٿي کي آندو ويو جتي شهرين ٻنهي نوجوانن جا هٿ پير ٻڌي مٿن تشدد ڪيو

ٽائيم نيوز شهرين جي جوابدارن تي تشدد جون وڊيوز هٿ ڪري ورتيون، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موساڻي محلي جا رهواسي لقمان، حڪيم ۽ ٻيا حسين نالي هڪ نوجوان ۽ ٻئي نامعلوم کي پڪڙي هٿ پير ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن

ٻئي طرف ايس ايڇ او سکن ٿاڻي جو چوڻ آهي ته ڪير به شڪايت کڻي نه پهتو آهي، شڪايت آئي ته ڪارروائي ڪنداسين

هي به پڙهندا

مٽياري: معصوم ڀائيٽيءَ سان ڏاڍائي ڪيس ۾ ٻن چاچن کي عمر قيد جي سزا