ملير (رپورٽر ) ملير ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 واپاري فوت، پوليس موجب پورٽ قاسم جي ڪالوني گيٽ ويجھو تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا 55 ورھين جي جان محمد پٽ ڪريم بخش ۽ محمد حسن ٿڏي تي دم ڏنو، حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس موجب فوتي ڀينس ڪالوني جا رهواسي هئا، جيڪي مال جي چاري جو ڪاروبار ڪندا هئا