ملير(رپورٽر)ملير ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جتي صحافي جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي. ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد فيز ٽو مان صحافي ڪاشف پٺاڻ جي موٽرسائيڪل نمبر ڪي او او 4304 چوري ٿي وئي جنهن جو اطلاع اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي صحافي اڳواڻن چيو ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ڪاشف پٺاڻ جي گاڏي فوري واپس موٽرائي وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو