ملير(رپورٽ: حسن تڳر) بن قاسم پوليس اسٽيل مل مان لوھ ۔ ٽامو ۽ بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون چوري ڪندڙ ست جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۔ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع تي اسٽيل مل روڊ لڳ ڪاروائي ڪندي 7 جوابدارن کي بجلي جي ٿنڀن سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن ۾ سرور جمالي، صدام علي جمالي، غلام مصطفيٰ، وقاص عرف شاني، عرفان، صدام مجنون ٻرڙو شامل آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.