ملير/ ڀريا سٽي (رپورٽ: ناز شر ۽ آفتاب ڪيريو ) ملير ۾ گهر جي پاڻي جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران ڀريا سٽي واسي 2 ڀائرن سوڌو 5 نوجوان ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ؛ علائقي ۾ ڪهرام، ان ڏس ۾ ابراهيم حيدري جي علائقي واٽر پمپ جي نئين آبادي ليبر ڪالوني ۾ پاڻي جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو بيهوش ٿي ويو، جنهن کي بچائڻ لاءِ لٿل سندس ڀاءَ به بيهوش ٿي ويو، گهرڀاتين جي رڙين تي پاڙيوارا مدد لاءِ پهچي ويا،2 ڀائرن شعبان پٽ لطيف انصاري ۽ ڪامران پٽ لطيف انصاري، کي ٽانڪي مان ڪڍڻ دوران 3 پاڙيسري پڻ بيهوش ٿي ويا، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي بيهوش ٿيل 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو، جتي ڀريا سٽي واسي 2 ڀائرن شعبان پٽ لطيف انصاري ۽ ڪامران پٽ لطيف انصاري، سندن پاڙيسرين نويد پٽ فقير محمد پٺاڻ ، شهزاد پٽ رمضان ڪڇي ۽ سنيل مسيح دم ڏنو، انهي دکدائڪ واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو، هوڏانهن پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن موجب گهر جي ٽانڪي ۾ سيوريج جو پاڻي ملڻ سبب 2 ڀائر شعبان ۽ ڪامران ٽانڪي صاف ڪرڻ لاءِ لٿا، ٽانڪي ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر بيهوش ٿيا، جن جي مدد لاءِ ٽانڪي ۾ لٿل 3 پاڙيسري نويد پٽ فقير محمد، شهزاد پٽ رمضان ۽ سنيل مسيح پڻ بيهوش ٿي ويا، جن اسپتال ۾ دم ڏنو. فوتي ڀائرن شعبان ۽ ڪامران انصاري جو اصل تعلق ڀريا سٽي لڳ ڳوٺ حسين ڪلھوڙو سان آهي، سندن والد لطيف انصاري شرافي ڳوٺ ٿاڻي تي سپاهي مقرر ٿيل آهي، ٻئي طرف فوتي ڀائرن جي سؤٽ قاضي ظفر عباسي ٻڌايو ته شعبان عباسي ۽ ڪامران عباسي گھر جي پاڻي واري ٽانڪي صاف ڪرڻ لاءِ لٿا هئا، اوچتو گئس ڀرجڻ سبب فوت ٿي ويا ھن ٻڌايو ته ٻنهي ڀائرن جا لاش اباڻي ڳوٺ حسين ڪلھوڙو آندا پيا وڃن، جتي کين مٽي ماءٔ حوالي ڪيو ويندو