ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير جي سنڌي وسندي گلشن حديد جو 16 ڏينهن کان  پاڻي بند ڪرڻ خلاف رهواسين بلدياتي نمائندن جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ملز جي سي اي او هائوس آڏو ڌرڻو هنيو، مظاهرين پاران اسٽيل ملز انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي يوسي گلشن حديد جي چيئرمين رائو صفدر، وائيس چيئرمين مير عباس ٽالپر، پ پ اڳواڻ آفتاب کوسو چيو ته گلشن حديد جي آبادي 3 لک کان وڌيڪ آهي، اسٽيل ملز انتظاميا پاران گذريل پنجن سالن کان هتي پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته گذريل16 ڏينهن کان وسندي جو پاڻي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسٽيل ملز انتظاميه پاران رهواسين کي چئوڻ تي ڳرا بل موڪليا ويا هئا، رهواسين پاران بلن جي ادائگي  باوجود پاڻي بند ڪرڻ زيادتي آهي، هنن چيو ته اسان پاڻي جي بندش خلاف سي اي او هائوس آڏو ٽوڪن ڌرڻو هنيو آهي، اسٽيل ملز  پاڻي نه ڏنو ته گلشن حديد جا رهواسي نيشنل هاءِ وي تي اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو هڻندا، ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي ذميواري ملير ۽ اسٽيل ملز انتظاميا تي هوندي.