ملير (رپورٽر ) اسٽيل ملز انتظاميا پاران بجليءَ جو فالٽ ڄاڻائي هڪ هفتي کان گلشن حديد جي ٻن يونين ڪاميٽين تي مشتمل علائقي کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي، اهڙي صورتحال سبب 2 لک آبادي ڏچي ۾ اچي وئي، ان سلسلي ۾ گلشن حديد جي رهواسين دانهيندي چيو ته اسٽيل ملز انتظاميا بجليءَ جو فالٽ ظاهر ڪري پيئڻ جو پاڻي بند ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 2 لک آباديءَ پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم آهي. اهي مهانگي اگهه تي ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن، هن وقت هڪ ٽينڪر جي قيمت 8 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، هنن چيو ته اڄ شام تائين پاڻيءَ جي فراهمي بحال نه ٿي ته اهي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندا.