ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2014ع ۾ ملير ۾ قتل ٿيل ڪيبل ورڪر عرفان  واري ڪيس جي جوابدار شهزاد جي بريت واري اپيل رد ڪندي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٽرائل ڪورٽ اڳ ۾ ئي جوابدار کي موت جي سزا نه ڏئي رعايت ڏئي چڪي آهي، جوابدار جو مقتول عرفان تي 3 گوليون هلائڻ جو مقصد کيس قتل ڪرڻ هو،