ملير (رپورٽر ) ملير جي 3 قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي پ پ جي ڄام عبدالڪريم، عبدالحڪيم بلوچ، سلمان عبدالله مراد، آغا رفيع الله، نواز ليگ جي قادر بخش ڪلمتي، ڪيپٽن (ر) جميل احمد، ساجد جوکيو، راجا رزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، جان عالم ڄاموٽ ۽ ٻين جا نامزدگي فارم منظورڪيا ويا، ان ڏس ۾ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر پاران جاري ڪيل حتمي لسٽ موجب اين اي 229 تي پ پ جي ڄام عبدالڪريم، نواز ليگجي قادر بخش ڪلمتي سميت 20 اميدوارن، اين اي 230 تي پ پ جي آغا رفيع الله، نواز ليگ جي حاجي مظفر شجراع، حافظ اورنگزيب فاروقي سميت 35 اميدوارن، اين اي 231 تي پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ، سلمان عبدالله مراد، نوازليگ جي ڪيپٽن (ر) جميل احمد خان، پي ٽي آءِ جي ايڊووڪيٽ اشرف سمون سميت 31 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي پي ايس 84 تي پ پ جي يوسف مرتضيٰ بلوچ سميت 33 اميدوارن، پي ايس 85 تي پ پ جي ساجد جوکيو سميت 37 اميدوارن. پي ايس 86 تي پ پ جي راجا عبدالرزاق، نواز ليگ  جي شاهد اقبال آرائين سميت 28 اميدوارن، پي ايس 87 تي پ پ جي محمود عالم ڄاموٽ، نواز ليگ  جي سيد مهراڻ شاهه سميت 25 اميدوارن، پي ايس 88 تي پ پ جي عديل اختر شيخ، امان الله محسود، نواز ليگ جي محمد فيروز خان سميت 37 اميدوارن ۽ پي ايس 89 تي پ پ جي سليم بلوچ سميت 54 اميدوارن  جا فارم بحال ٿي ويا