ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي صوابي روانگي کان اڳ گرفتار ڪرڻ تان پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا اظهر پوليس آفيسرن خلاف ملير جي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل خلد محمود چيو ته ڪارڪنن پر امن طور جلسي ۾ شرڪت لاءِ صوابي وڃي رهيا هئام هنن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، پوليس ڪارڪنن کي روڪي تشدد ڪيو، پوليس جي غير قانوني عمل جون شاهديون به موجود آهن، عدالت اهڙي درخواست تي ايس ايس پي ڪمپلينٽ ملير ۽ ايس ايچ او سهراب ڳوٺ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ ڊي ايس پي چوڌري سهيل فيض ۽ ايس ايچ او وزير سمون کي نامزد ڪيو ويو آهي.