ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) ڪورنگي ۽ ملير ۾ 3 مقابلا، 4 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي ڪورنگي موجب گدام چورنگي وٽ 3 جوابدار ڪار سوار شهرين شبير ۽ وقاص کان موبائيل فون، واچ، 5500 رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿيا، گشت تي موجود پوليس پارٽي جوابدارن جو پيڇو ڪيو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ٻن هنڌن تي جوابدارن سان مقابلا ٿيا، جن ۾ 3 جوابدار جميل احمد ولد گل محمد، رحيم ولد زمان ۽ اختر ولد اڪبر مارجي ويا، ٽنهي جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، جوابدارن جي قبضي مان 3 پسٽل، موٽر سائيڪل ۽ شهرين کان ڦر ڪيل موبائل فون، واچ ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ملير جي قائدآباد پوليس مهراڻ هاءِ وي تي ڏوهارين سان مقابلي ۾ هڪ ڦورو اشتياق پٽ گل نظير کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ روڪ رقم هٿ آئي، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري شهرين کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا، پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿيو، مارجي ويل ڏوهاري جا ساٿي فرار ٿي ويا.