ملير(رپورٽر) ملير پوليس پاران بندش پيل تنظيم جو ڪارڪن گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ: بارود هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٻڌايو ته ملير سٽي پوليس دهشتگرد امام بخش عرف راجا عدنان عرف عدنان انقلابي عرف ادو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 9 ايم ايم پسٽل، ۽ ڊيٽونيٽر هٿ ڪري ورتا آهن، راجا عدنان انقلابي  ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رينجرز تي دستي بم حملن ۾ ملوث رهيو آهي، هن افغانستان مان دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي، کيس راڪيٽ هلائڻ ۽ بم ٺاهڻ اچن ٿا، ملزم اعتراف آهي ته هن بندش پيل تنظيم ايس آر اي ۾ 2020 ۾ شموليت اختيار ڪئي، ايس آر اي جا ڪمانڊر اصغر شاهه ۽ سجاد شاهه کيس دهشتگردي جي هدايت ڪندا هئا، هن 9 جولاءِ 2020 تي ڊائو اسپتال ويجهو بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ۾ اڳوڻي (ر) انسپيڪٽر عاشق تي دستي بم سان حملو ڪيو 5 اگسٽ 2020ع تي بيت المڪرم مسجد ويجهو يونيورسٽي روڊ تي جماعت اسلامي جي نڪتل ڪشمير ريلي تي دستي بم سان حملو ڪيو،12 اگسٽ 2020 تي پوليس لائين لاڙڪاڻي ويجهو شڪ جي بنياد تي دڪاندار تي فائرنگ ڪئي، 15 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچي ۾ چائنا ٽائون ريسٽورنٽ ويجهو چيني شهري جي گاڏي تي مقناطيسي آءِ اي ڊي لڳايو، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب گرفتار دهشتگرد 15 ڊسمبر 2020 تي شيخ زيد ڪيپمس تي دستي بم حملي کانسواءِ 22 ڊسمبر 2020 تي جمالي ڳوٺ سپر هاءِ ويجهو تي چيني شهري تي فائرنگ ڪئي، هن چيو ته گرفتار دهشتگرد امام بخش عرف راجا عدنان عرف عدنان انقلابي جي ساٿي حنيف عرف بلو بادشاهه کي هڪ هفتو اڳ ملير مان گرفتار ٿيو هو، جوابدار  خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري هٿ آيل هٿيار فارنزڪ لاءِ اماڻياآهن