ملير (رپورٽر ) ملير ٽينٽ سٽي ۾ چپس کپائيندڙ نينگر جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، رپورٽ موجب اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ لنڪ روڊ تي واقع  ملير ٽينٽ سٽي مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل 10 ورهين جي ٻارڙي عامر پٽ ممتاز رند جو تنبو سان ڍڪيل 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو، اطلاع تي اسٽيل ٽائون پوليس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب چپس کپائيندڙ ٻارڙو عامر رند 3 اڳ گم ٿي ويو هو، سندس امڙ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، ڪالهه ملير ٽينٽ سٽي مان نينگر  جو تنبو سان ڍڪيل لاش هٿ آيو، علائقي واسين بدبوءَ  اٿڻ تي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد  موت جا ڪارڻ  معلوم ٿي سگهندا