ملير (رپورٽر) گلشن حديد ويجهو قائم لنڪ روڊ ٽول پلازه تي اضافي ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف ٽرانسپورٽرن پاران ٻئي ڏينهن به ڪراچي ٺٽو شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو جاري، ڌرڻي سبب لنڪ روڊ مڪمل طور تي بند سوين گاڏيون بيهجي ويون. خبر موجب گلشن حديد ويجهو قائم لنڪ روڊ تي ٽول پلازه انتظاميه پاران ٽول جي اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن جي 15 تنظيمن آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن پاڪستان ، آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن، سنڌ آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن، آل پاڪستان ڊمپر ايسوسيئيشن، يونائيٽيڊ گڊز ٽرانسپورٽ الائينس ۽ ٻين پاران گلشن حديد ويجهو ڪراچي ٺٽو شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ٻئي ڏينهن به سوين گاڏيون بيهاري هنيل ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيٺل رهيون جنهن سبب ملڪ جي مختلف حصن ڏانهن ويندڙ رسد مڪمل طور تي بند رهي ۽ مسافرن کي پڻ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي شمس شهواڻي، بختاور خان، غلام نبي جوکيو ۽ ٻين چيو ته اسان جو احتجاج گذريل ٽن مهينن کان جاري آهي احتجاج جو مقصد غيرقانوني طور تي قائم ٽول پلازه ۽ ڪانٽا آهن ظلم جي انتها اها آهي ته ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 2 ڪانٽا موجود آهن جن پاران هٿيارن جي زور تي ڊرائيورن کان 6 کان 7 هزار رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا جن جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي هنن چيو ته مسلسل ٽن مهينن کان احتجاج تي آهيون، گورنر ۽ وزيراعليٰ مختلف هنڌن تي پهچي باٿ روم ته چيڪ ڪن ٿا پر سندن نظر ٽن مهينن کان مختلف وقتن تي بند ٿيندڙ ملڪ جي اهم شاهراهه طرف نه ٿي اچي. هنن چيو ته 3 ڏينهن اڳ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري سان ڳالهيون ٿيون اهي پڻ بنا نتيجي جي ختم ٿيون جنهن بعد اسان مجبور ٿي ٻيهر گذريل ٻن ڏينهن کان ڌرڻو لڳايو آهي جيڪو بنا وقفي جي جاري آهي هاڻي اسان پنهنجي کاتي پيتي ۽ رهائش جو سامان کڻي آيا آهيون ۽ فيصلا ڪن نتيجي تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو جيڪڏهن اسان جي جائز مطالبن کي نه مڃيو ته اسان سپر هاءِ وي، نادر باءِ پاس ۽ لنڪ روڊ کي نتيجن جي حاصل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي بند ڪري ملڪ جي مختلف حصن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ کي بند ڪنداسين جنهن جي ذميوار سرڪار هوندي.