ملير (رپورٽر) ملير ضلعي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ملير جي مالي سال 2025.26ع جي هڪ لک 41 هزار 218 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش، ان ڏس ۾ ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ بجيٽ پيش ڪندي چيو ته آمدني جو ڪاٿو 3 ارب 81 ڪروڙ 16 لک 64 هزار 821  ۽ خرچن جو ڪاٿو 3 ارب 81 ڪروڙ 15 لک 23 هزار 603 رپيا لڳايو ويو آھي، هن چيو ته او زيڊ ٽي  شيئر طور هڪ ارب 77 ڪروڙ 68 لک  40 هزار رپيا ملندا، هن چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ 60 ڪروڙ 65 لک 3 هزار رپيا رکيا ويا آھن، جن مان پارڪن ۽ ٻي مرمت لاء 43 ڪروڙ  23 لک هڪ هزار رپيا،  جاري ترقياتي ڪمن ۽ بقايائن لاءِ 19 ڪروڙ 25 لک 54 هزار 625 رپيا رکيا ويا آھن اداري جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي لاء 2 ارب 30 ڪروڙ 52 لک 66 هزار 976 رپيا رکيا ويا آهن.