ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير واسي  12ورهين جي ٻارڙي رفيق جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن خالد موريو ۽ پرويز علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت مٿن 15 لک ڏنڊ وجهي سندن ملڪيتون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٻن شريڪ جوابدارن الله بخش ۽ اصغر کي ثبوت نه ملڻ تان بري ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته 2 جولاءِ 2016ع تي  بن قاسم ٽائون ٿاڻي جي حد مان جوابدارن خالد موريو ۽ پرويز علي 12 ورهين جي رفيق کي اغوا ڪيو، بعد ۾ ڀنگ نه ڏيڻ تان نينگر کي  قتل ڪيو ويو، ٻنهي جوابدارن 12 ورهين جي رفيق کي اغوا ۽ بعد ۾ قتل ڪري لاش اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو هو