ملير(رپورٽر) گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تي قائم ڪانٽي تي پوليس وردي پهريل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي چڙهائي، عملي کي يرغمال بڻائي تشدد بعد 10 لک کان وڌيڪ رقم ۽ هٿيار ڦر ڪري فرار، واقعي جو ڪيس داخل، خبر موجب گذريل ڏينهن گلشن حديد ويجهو ڪراچي ٺٽو شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ ٽول پلازه ويجهو قائم سردار اشرف ڊي بلوچ جي ڪانٽي تي پوليس وردي پهريل موٽر سائيڪل سوار 8 هٿياربندن چڙهائي ڪري ڊيوٽي تي موجود سيڪيورٽي گارڊ کان اسلحو کسي عملي کي يرغمال بڻائي تشدد بعد 10 لک کان وڌيڪ رقم موبائل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار 8 هٿياربند جن مان هڪ کي پوليس انسپيڪٽر جي شرٽ پاتل هئي ۽ ٻين کي پوليس ڪيپ پاتل هيون، هٿياربندن ڪانٽي جي عملي کي يرغمال بڻائي سيڪيورٽي گارڊ کان رپيٽر کسڻ بعد 10 لک رپيا روڪ رقم موبائل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.