ملير (رپورٽر) شاهه لطيف پوليس جي عبدالله ڳوٺ ويجهو ڪارروائي، 2 ملزم گرفتار، 34 موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ هٿ، گرفتار جوابدار مختلف ڪمپنين جي موبائل فونن جا آءِ ايم اي آءِ ڪوڊ تبديل ڪندا آهن: پوليس، خبر موجب: شاهه لطيف پوليس عبدالله ڳوٺ ويجهو ڪارروائي ڪري ٻن ملزمن غلام عابد ۽ محمد امين کي گرفتار ڪري ورتو، ملزمن جي قبضي مان ڦر ڪيل مختلف ڪمپنين جون 34 موبائل فون ۽ آءِ ايم اي آءِ تبديل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ليپ ٽاپ هٿ ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ پوليس موجب ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪري ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،
ملزم ڦر ڪيل موبائل فونن جا آءِ ايم اي آءِ تبديل ڪندا آهن، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي آهي.