ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماءُ کان سندس 3 ۽ 8 سالن جا ٻار ڦري بلوچستان کڻي وڃڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي آءِ جيز کي ٻئي ٻار پيءُ کان هٿ ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ڪراچي واسڻ پارس پاران مڙس کان ٻار بازياب ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ ۽ بلوچستان جي آءِ جيز کي ٻئي ٻار بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پارس موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس نصير آباد (بلوچستان) واسي نديم سان شادي ٿي، جنهن مان کيس 2 ٻار ٽن سالن جو تيمور ۽ 8 سالن جي ڪائنات آهن، جيڪي ساڻس گڏ ڪراچي ۾ رهندا هئا، تازو 12 نومبر تي نديم پنهنجن ڀائرن سان گڏجي ٻئي ٻار بلوچستان کڻي ويو آهي.مون ملير پوليس کي مدد لاءِ درخواست ڏني پر پوليس سندس ڪا مدد نه ڪئي، هن ٻارن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو