ملير (رپورٽر ) ملير واسي جي قاتل زال نڪتي: ماءُ ڌي سوڌو 3 جوابدار سوگها، ان ڏس ۾  گڏاپ پوليس انگارا ڳوٺ ۾ 25 ڏينهن اڳ خورشيد کي قتل ڪري فرار ٿيندڙ سندس زال پٺاڻي بي بي، ڌيءَ مهرين ۽ سندن ساٿي صابر کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي جاچ حسيب سومار موجب 20 اپريل تي انگارا ڳوٺ ۾ قتل جو واقعو پيش آيو، پٺاڻ بي بي پنهنجي ساٿي صابر کي مڙس کي قتل ڪرڻ جي بدلي ۾ ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو واعدو ڪيو، مهرين جي مينڌي تقريب دوران صابر پسٽل جا فائر ڪري مهرين جي پيءُ خورشيد کي قتل ڪري ڇڏيو.