ملير(رپورٽر) ملير ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙو گٽر نالي ۾ ڪري فوت، دائود چورنگي تي لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾ قائد آباد ويجهو لال آباد ۾ 4 ورهين جو ٻالڪ ياسين گٽر نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ هيٺ فوتي ٻارڙي جي لاش کي نالي مان ڪڍيو،بعد ۾ شهرين دائود چورنگي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن  سبب ڪورنگي ۽ لانڍي انڊسٽريل ايريا ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون  ان موقعي تي ٻالڪ جي مائٽن جو چوڻ هو ته اسان مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي نالي کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون درخواستون ڏنيون آهن،  ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيا آهن، اڄ ڏينهن تائين گٽر نالي کي بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ  ورتا ناهن ويا، جنهن سبب معصوم نينگر گٽر ۾ ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، هنن مطالبو ڪيو ته خوني گٽر نالي کي فوري طور بند ڪيو وڃي