ملير(رپورٽر) ملير جي وسندي پپري ۾ پوليس پاران ھوٽل جو اڏاوتي ڪم روڪڻ تان پوليس ۽ علائقي واسين ۾ جهيڙو: ڇهن سڃاتل ۽ 20 کان وڌيڪ اڻ سڃاتل ڳوٺاڻن مٿان ڪيس داخل: 2 گرفتار، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پپري واسي اختر گبول پپري پاران هوٽل جو اڏاوتي ڪم شروع ڪرائڻ  تان بن قاسم پوليس پهچي زمين جا ڪاغذ گهري ڪم بند ڪرائڻ لاءِ چيو، جنهن تان گبول برادري جي ماڻهن ۽ پوليس ۾ منهن ماري ٿي پئي، مڇريل ماڻهن پاران پوليس اهلڪارن کي مارڪٽ ڪرڻ سان هوائي فائرنگ  ڪئي وئي، ان موقعي  تي پوليس جي هڪ موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، انهي واقعي بعد  وڌيڪ نفري طلب ڪري حالتن تي ڪنٽرول ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس احمد ۽ جبار گبول کي گرفتار ڪري ورتو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او بن قاسم ملڪ اشرف پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گبول برادري جا ماڻھو  هوٽل جي ناجائز اڏاوت ڪري رهيا هئا، پوليس پاران ڪم کان روڪڻ ۽ ڪاغذ گهرڻ تان هنن جهيڙو ڪيو، پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪرڻ سان گڏ پوليس اهلڪارن مٿان  تشدد ڪيو ويو، ٻئي طرف گبول برادري موجب اسان پنهنجي هوٽل جو ڪم ڪرائي رهيا هئاسين ته پوليس اچي ڪم بند ڪرايو، ٻئي طرف  بن قاسم ٿاڻي تي عبدالجبار، احمد، اختر، سجاد، حاڪم، لکمير،  شڪيل، جاني گبول ۽ ٻين خلاف دهشتگردي جي قلم سميت 324 ، 353 ، 436 ، 447 ، 427، 147 ، 148  ۽ 149 تحت ڪيس داخل  ڪيو ويو هو