ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ اسٽيل ٽائون پوليس پاران 4 مئي تي گهگهر مان کنڀيل نوجوان فياض ناريجو کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي جي ايس ايچ او سميت 20 اهلڪارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ مقتول جي امڙ حول خاتون جو چوڻ هو ته ايس ايچ او علڻ عباسي منهنجي پٽ فياض کي گهگهر ۾ پنهنجي ڊرائي ڪليننگ جي دڪان تان ماڻهن جي روبرو کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، ٻن ڏينهن بعد فياض کي اسٽيل ٽائون ويجهو ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، فياض ناريجو جي امڙ جي ڪيس جي پيروي لاءِ ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ، ملير بار جو جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، ايڊووڪيٽ نثار ناريجو، ايڊووڪيٽ اشرف سمون، ايڊووڪيٽ دائود ناريجو پيش ٿيا، عدالت پاران داخل درخواست تي فيصلو ڏيندي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي پوليس اهلڪارن محمد ايوب، قاسم، ڪريمداد کانسواءِ 20 صورت شناس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .