ملير: ملير ۾مظاھرين ۽ پوليس ۾ سڄو ڏينھن ڇڪتاڻ واري صورتحال رھي، وقفي وقفي سان چڪريون ٿينديون رھيون، پوليس پاران ڪارڪنن مٿان لٺبازي، شيلنگ ۽ ھوائي فائرنگ ڪئي، مڇريل مظاھرين ھڪ پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جڏھن تھ ھڪ موبائل کي باھھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس ۽ مظاھرين ۾ چڪرين دوران پوليس اھلڪار بليٽ پروف جيڪٽون ڇڏي فرار ٿي ويا، مظاھرين 3 بليٽ پروف جيڪٽن کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو.