ملير (رپورٽر) سنڌ ملهه ايسوسيئيشن ملهه پهلوان سيد اياز شاهه جي گرفتاري خلاف گهگهر کان پهلوان غلام نبي شيدي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ضمير حاجاڻو، جاويد ناهيون، سيد نور شاهه بخاري، رياض شاهه بخاري ۽ پهلوان رزاق ملاح جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اياز شاهه پهلواني ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪريون ٿا ته ملهه پهلوان سيد اياز شاهه تي داخل ڪيسن بابت جوڊيشل انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.