ملير (رپورٽر) ملير مان 2 ڀائر نوڪري جو ڏٽو ڏئي اغوا، بازيابي لاءِ 60 لک ڀنگ طلب ڪئي وئي. سکن ٿاڻي جي حد ليبر اسڪوائر مان هڪ همراهه مبينا طور تي 2 ڀائر ريان ۽ رضوان کي نوڪري جو دلاسو ڏئي پاڻ وٽ گهرائي اغوا ڪري ويو، ٻنهي ڀائرن کي آزاد ڪرڻ عيوض اغوا ڪارن پاران وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، مغوي ڀائرن جي پيءُ عابد حسين جي مدعيت ۾ سکن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منهنجا پٽ 18 سالا ريان ۽ 15 ورهين جو رضوان جيڪي شام جو ساڍي 4 بجي پنهنجي پيءُ کي گهران ٻڌائي نڪتا ته اسين منشا استاد جي دڪان تي وڃون ٿا جتي رياض قريشي نالي شخص ڪم ڪندو آهي جنهن اسان کي چيو آهي ته ٻنهي ڀائرن کي مصالحي واري ڪمپني ۾ 25 ۽ 32 هزار تي نوڪري وٺي ڏيان ٿو ان سان ملڻ وڃون ٿا ان بعد منهنجا پٽ گهر واپس نه آيا نه ئي ڪو رابطو ٿيو جنهن بعد اسان ڪافي ڳولا ڪئي هاڻي اسان کي خبر پئي آهي ته منهنجي ٻنهي پٽن کي رياض قريشي ڪنهن نامعلوم سبب تي اغوا ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي مغوي ڀائرن جي پيءُ عابد حسين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اغوا ڪارن پاران 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي هن چيو ته مان غريب پورهيت آهيان مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو ڪٿان پئسا آڻيان جو ڀنگ جي رقم ادا ڪيان. نگران وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي ٻچن جي بازيابي لاءِ منهنجي مدد ڪئي وڃي.