ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي گلشن حديد مان وڪيل کنڀجي ويو: ڌمڪين ۽ داٻن بعد ناردرن باءِ پاس تان هٿ، ان ڏس ۾ بازياب ٿيل وڪيل صدام ڀٽي جو چوڻ هو ته اسٽيل ٽائون ۾ امام بارگاهه ويجهو ڪار ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن مون کي کنڀي، اکين تي پٽيون ٻڌي گاڏي ۾ وڌو، 15 کان 20 منٽن تائين گاڏي هلندي رهي، جنهن بعد نامعلوم هنڌ تي رکي اکيون کوليون ويون، جتي موجود ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي ۽ ٻيا اهلڪار پستول ڏيکاري موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا، ايس ايچ او علڻ عباسي چيو ته مون ڪيترن کي سڌو ڪري ڇڏيو، تون ڪهڙي شيءَ آهين، جو منهنجي خلاف لکين ٿو هن چيو ته علڻ عباسي ۽ ٻيا مون تي ذهني ٽارچر ڪندا رهيا، بعد ۾ مون کي ناردرن باءِ پاس تي ڦٽو ڪيو ويو، ٻي طرف ملير بار جي صدر ارشاد شر ۽ اياز چانڊيو رابطي ٻڌايو ته صدام ڀٽي ڪئنالن خلاف جدوجهد ۾ اڳڀرو هو، ملير لنڪ روڊ تي ڌرڻي دوران ايڊووڪيٽ ذيشان آرائين مٿان پوليس حملي ۽ اسٽيل ٽائون پوليس پاران گهگهر مان کنڀي قتل ڪيل نوجوان فياض ناريجو واري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ تان ايس ايچ او اسٽيل ٽائون کيس کنڀي مٿس ذهني تشدد ڪيو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هنن وڌيڪ چيو ته ايڊووڪيٽ صدام ڀٽي جي طبيعت بهتر ٿيڻ بعد سندس قانوندان والد قادر بخش ڀٽي جي درخواست تي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي خلاف ڪارروائي لاءِ قدم کنيو ويندو.