ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روينيو کاتي جي  زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي واري ڪيس ۾ ملير جي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت 19 ڄڻن کي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس ۾ چالان جمع، جاچ آفيسر پاران ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش، ان ڏس ۾ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ملير جي ڊي سي آفيس جي ليڊي ڪلارڪ شبانه ڪنول خلاف ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ملير جي اسسٽنٽ ڪمشنر  ۽ مختيار ڪار سميت 19 ڄڻن کي جوابدار ڄاڻائي چالان پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آھي، اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته جوابدار شبانه ڪنول جي رشوت وٺڻ واري وڊيو لاھور فرانزڪ ليبارٽري ۾ چڪاس لاءِ اماڻي آھي اها رپورٽ ھڪ ھفتي ۾ اچي ويندي، عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.