ملير(رپورٽر) ملير لنڪ روڊ ويجھو  پوليس ۽ روينيو عملي جي ايجوڪيشن سٽي لاءِ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ چڙھائي، احتجاج: عملو واپس ان ڏس ۾ ملير لنڪ روڊ ويجهو اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زاهد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ روينيو عملي ۽  پوليس پاران زمين خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڳوٺاڻن گهرن کان ٻاهر نڪري اچي  پوليس ۽ روينيو عملي خلاف نعريبازي ڪندي مزاحمت ڪئي، انتظاميا ڳوٺاڻن جي مزاحمت کي ڏسندي واپس ٿيڻ تي مجبور ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي اڪرم جوکيو صحافين کي دانهيندي چيو ته منهنجي ذاتي زرعي سروي زمين کي ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سرڪار منهنجي زمين سامهون ضياءَ الدين اسپتال کي زمين ڏني آهي،  پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم مون کان اهو چئي زمين گهري هئي ته اتي فارم هائوس ٺاهيندس، زمين نه ڏيڻ جي صورت ۾ مون کان زبردستي زمين کسرائي پئي وڃي، هن چيو ته سروي زمين تي منھنجو ڪروڙين رپين جو باغ لڳل آھي، پاسي ۾ گھر  ۽ ھوٽل پڻ ٺھيل آھن، جيڪڏهن اسان کان زبردستي زمين کسي وئي ته مشنري ھيٺان اچي پاڻ کي مارينداسين پر زمين نه ڏينداسين، ٻئي طرف پ پ ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ڳوٺ تي چڙهائي جو نوٽيس وٺي سيڙپڪاري بابت خاص معاون ۽ ايجوڪيشن سٽي بورڊ جي چيئرمين قاسم نويد قمر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو، ڄام عبدالڪريم جوکيو چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڳوٺاڻن سان زيادتي ڪرڻ نه ڏينداسين، نئين سر سروي ٿيڻ تائين هڪ پٿر به لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڄام عبدالڪريم جوکيو چيو ته متاثر ڳوٺاڻو اڪرم جوکيو پاڻ کي لاوارث نه سمجهي، ايجوڪيشن سٽي جي اهلڪارن  خلاف ڪارروائي ڪرائي ويندي،ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زاهد جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ديهه چوهڙ ۾ ڳوٺن کي ڇڏي  باقي زمين کي سنڌ سرڪار ايجوڪيشن سٽي لاءِ مختص ڪيوي آهي، موجوده زمين به ايجوڪيشن سٽي ۾ اچي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ انتظاميا پاران نوٽيس ڏنا ويا هئا جنهن بعد اڄ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ وياسين، جتي ڳوٺاڻن پاران مزاحمت ڪئي وئي، اسان اعليٰ اختيارن کي صورتحال جي ڄاڻ ڏيڻ بعد واپس ٿياسين،