ملير (رپورٽر ) ملير جي قديم وسندي صابو ھيرو گبول ڳوٺ تي بلڊر مافيا جي پوليس سان گڏ چڙھائي، سوين ڳوٺاڻا، عورتن، ٻارڙن سان گڏ گھرن کان ٻاھر نڪري آيا، احتجاج، ان ڏس ۾ملير جي قديمي صابو ھيرو گبول ڳوٺ تي بلڊر مافيا بن قاسم پوليس سان گڏ چڙھائي ڪئي، انهي دوران سوين ڳوٺاڻا، عورتون ۽ ٻارڙا گھران کان ٻاھر نڪري آيا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن حسين بخش ڪلمتي، شير محمد ڪلمتي، محمد حسين ڪلمتي ۽ ٻين چيو ته بلڊر مافيا ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي، پوليس جي مدد سان ڳوٺ مٿان چڙھايون ڪيون پيون وڃن، ھنن چيو ته پوليس ۽ بلڊر مافيا اسانجو جيئڻ حرام ڪري ڏنو آھي، اسان پنھنجا سر ته ڏئي سگھون ٿا پر ڳوٺ تي قبضو ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نه ڪبو، هنن گهر ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.