ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾غيرت جي نالي ۾ والد پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس نوجوان دوست کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ملير جي رفاع عام سوسائٽي جي  هڪ گهر مان ناري ۽ نوجوان جا گوليون لڳل لاش مليا. پوليس موجب ناري جي سڃاڻپ 18 سالن جي فاطمه ڌي اظهر ۽ مقتول جي علي طور سڃاڻپ ٿي، شروعاتي جاچ موجب ناري ۽ نوجوان پاڻ ۾ دوست هئا، نوجوان رات دير سان ناري سان ملڻ سندس گهر آيو هو، ناري جي والد ٻنهي کي گڏ ڏسي پستول جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار اظهر کي گرفتار ڪري ٻٽي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل به هٿ ڪيو آهي، واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب ناري پنهنجي تعليم ڇڏي ڏني هئي، جڏهن ته نوجوان ناري سان ملڻ لاءِ سندس گهر ايندو رهندو هو.