ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي پوليس پاران لاشاري گينگ جو ڪار لفٽر مارڻ جي دعويٰ: ملير ۾ شهري ڦورو ماري وڌو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي بشير بروهي موجب سائيٽ ايريا ۾ حبيب چورنگي وٽ اي وي ايل سي پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ جوابدار عبدالواحد ولد يار محمد مارجي ويو، لاشاري گينگ سان تعلق رکندڙجوابدار ڪراچي مان ڪارون چوري ۽ ڦر ڪرڻ جي اڻ ڳڻين وارداتن ۾ ملوث هو، جوابدار اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو هو، مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هاءِ روف گاڏي ۽ پسٽل هٿ آيو ، هوڏانهن ملير جي شرافي ڳوٺ ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن شهري کان ڦر لٽ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هڪ ڦورو گلزار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي عارف زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، پوليس موجب شاهه فيصل روڊ تي باغ ڪورنگي وٽ هٿياربندن شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪئي. شهري مڙسي ڪندي ڦورو کان پستول کسي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي ٿي پيو.