ملير (رپورٽر) ملير ۾ شادي ڪاڄ دوران خوشي ۾هوائي فائرنگ، گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻالڪ فوت، ان ڏس ۾ ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ پير سرهندي ڳوٺ ۾ شادي ڪاڄ دوران خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب 7 ورهين جو معصوم ٻارڙو احمد رضا پٽ محمد الطاف جوکيو فوت ٿي ويو، پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي ٻڌايو ته واقعو شادي ڪاڄ ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيش آيو، پوليس فائرنگ ڪندڙ 2 جوابدارن ظهير ۽ عدنان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.