ملير(رپورٽر) ملير ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻالڪ جي وارثن جي ڳولا لاءِ پنجاب پوليس کان مدد طلب: 5 شڪي آزاد، ان ڏس ۾ هڪ هفتو اڳ پورٽ قاسم ويجهو ڀينس ڪالوني روڊ ڀرسان زيادتي بعد قتل ڪري نالي ۾ ڦٽو ڪيل ڇهن ورهين جي معصوم ٻالڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ ملير پوليس آءِ جي پنجاب کي خط لکي ٻالڪ جي وارثن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب صوبي جا سڀئي ڊي پي او مقتول ٻالڪ جي وارثن جي ڳولا ۾ مدد ڪن. ان سلسلي ۾ جاچ پوليس ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جيو فرانزڪ جي مدد سان جوابدارن جاچ ڪئي پئي وڃي، 5 شڪي جوابدارن کي جاچ بعد ڇڏيو ويو آهي. ٻالڪ جو لاش ايڌي سرد خاني ۾ موجود آهي.