ملير (رپورٽ : ناز شر) ملير ۾ جيجل ماءُ 2 معصوم ڌيئرن کي ٽانڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو: ڌيئرن کي بچائڻ دوران پاڻ به فوت ان ڏس ۾ ڀينس ڪالوني ويجهو بختاور ڳوٺ جي گهٽي نمبر 3 جي هڪ گهر ۾ ماءُ 35 ورهين جي شائلا زال علي نواز پنهنجن 2 معصوم ڌيئرن پنجن ورهين جي يسرا ۽ 3 ورهين جي روحاب کي گهر جي ٽانڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو، بعد ڌيئر کي بچائڻ جي ڪوشش دوران شائلا پاڻ به ٽانڪي ۾ ٻڏي وئي، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملي پهچي فوتين جا لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا، هوڏانهن فوتي عورت شائلا جي بچي ويل ٽئين ڌيءَ موجب سندس ماءُ ٻنهي ڀينرن کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائڻ بعدکين بچائڻ لاءِ پاڻ ٽانڪي ۾ لٿي، جيڪا پاڻي ۾ ٻڏي وئي بچي ويل نينگري پاران گهر جو دروازو کڙڪائڻ تي پاڙيوارن پهچي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن کي اطلاع ڏنو، جن پهچي فوتين جا لاش ڪڍيا، پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب فوتڻ جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، متاثر خاندان جو تعلق سوات سان آهي، فوتي ٻارڙين جو پيءُ ڪاٻاڙي جو ڪم ڪندو هو، فوتڻ عورت ٽن ڌيئن جي ماءُ هئي، هوڏانهن پوليس ناري جي مڙس کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو آهي.