ملير (رپورٽر) ملير ۾ ٽرالر هڪ وڌيڪ نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو: ڊرائيور سوگهو، ان ڏس ۾ اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوار لياقت آباد واسي 28 ورهين جي نوجوان فرحان پٽ سهراب کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن ٿڏي تي دم ڏنو، پوليس فوتي نوجوان جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.