ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسز ڪوڪو اوشياما ٻارن ۽ ماءُ جي صحت جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ملير ضلعي ۾ پرائمري جي 11 هزار اسڪولي شاگردن کي ماني کارائڻ وارو 578.39 ملين رپين جو پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت تي تفصيل سان روشني وڌي وئي. ملاقات ۾ ڳورهارين ۽ کير پيايندڙ عورتن ۽ غذائي کوٽ وارن ٻارن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو واڌويجهه ۽ صوبائي سرڪار جو ممتا پروگرام هلي رهيا آهن. اجلاس ۾ ٻنهي پروگرامن جي بهتر هم آهنگي لاءِ ٽن اهم قدمن تي اتفاق ٿيو، ٻنهي پروگرامن جي ٽيڪنيڪل ڊزائن جو جائزو وٺڻ، شرطن کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ ٻه طرفو ڊيٽا شيئرنگ نظام قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، ملاقات ۾ موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل طبقن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ملير ضلعي جي شاگردن کي هڪ سال لاءِ مفت کاڌو فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، انهي لاءِ هڪ سينٽرل رڌڻو قائم ڪري اتي کاڌو تيار پيڪ ڪيو ويندو. ٻارن کي داليون، چانور يا مانيءَ، ڀاڄيون ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ميوات ڏني ويندي، سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ هڪ فوڊ سيڪيورٽي آفيسر کاڌي جي صفائي ۽ غذائيت جي معيار کي يقيني بڻائيندا، ورلڊ فوڊ پروگرام ٿرڊ پارٽي ڪانٽريڪٽر ذريعي نگراني، جائزو ۽ رپورٽنگ ڪندو .