
ملير (رپورٽ:ناز شر) ملير جيل ۾ قيدين جهيڙو ڪري پوليس تي حملو ڪري ڏنو، ڪجهه قيدين جي فرار جا به اطلاع آهن. مليل اطلاعن موجب زلزلو اچڻ بعد قيدي بيرڪن مان ٻاهر نڪري آيا کين روڪڻ تي قيدين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو. مبينا طور قيدين پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسي ورتا. هنن ماڙي جو در به ٽوڙي ڇڏيو ۽ تشدد ڪيو. قيدي مک گيٽ کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو به گهرن ۾ قيد ٿي ويا. پوليس جيل جي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو جڏهن ته رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب قيدي جيل جي ڀت ٽوڙي فرار ٿيا آهن. جن جو تعداد 200 کان وڌيڪ آهي پر انهن مان 40 جي لڳ ڀڳ قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي جن کي سکن پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. پر انگن بابت پوليس يا جيل انتظاميا ڪا به تصديق نه ڪئي آهي. جڏهن ته فوري طور تي فرار ٿيلن جي سڃاڻپ به نه ٿي سگهي آهي. هڪ قيدي جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن جي مارجڻ جا به اطلاع آهن. ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته قيدين زلزلي بعد بيرڪن مان نڪري هنگامو ڪيو. پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسي ورتا ۽ ماڙي جو گيٽ ٽوڙي ٻاهر اچي ويا. هن چيو ته زلزلي سبب جيل جي ڀتين ۾ ڏار پيا جتان ڀتين کي ٽوڙي ڪجهه قيدي فرار ٿيا جن مان ڪجهه کي وري گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي جو سنڌ جي جيلن واري وزير علي حسن زرداري نوٽيس ورتو ۽ آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو قيدي فرار ٿيو آهي ته هر حال ۾ گرفتار ڪيو وڃي. واقعي جي جاچ ڪري غفلت ڪندڙ آفيسرن جو تعين ڪيو وڃي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه قيدي مارجي ويا آهن پر انهن جي سڃاڻپ فوري طور تي نه ٿي سگهي آهي. جيل انتظاميا جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فرار ٿيلن جو انگ 200 کان وڌيڪ آهي. ايس ايس پي ملير به قيدين جي فرار ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جيل وٽ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زلزلي بعد قيدين کي بيرڪن کان ٻاهر رکيو ويوهو هڪ جي مارجڻ جا به اطلاع آهن ڪيئي فرار ٿي ويا آهن. رات جو دير سان ڊي آءِ جي جيل دعويٰ ڪئي ته جيل اندر حالتون ڪنٽرول ۾ اچي ويون آهن.