ملير جيل ٽُٽڻ تي 2 الڳ الڳ موقف ظاهر * زلزلي سبب قيدين کي ٻاهر ڪڍيو (سنڌ سرڪار) قيدي بيرڪن جا گيٽ ٽوڙي ٻاهر نڪتا: سپرنٽينڊنٽ

0
34

ڪراچي: ملير جيل ٽُٽڻ واري معاملي تي 2 الڳ الڳ موقف سامهون آيا، سنڌ سرڪار جو چوڻ هو ته ملير ضلعي ۾ زلزلي جا جھٽڪا اچڻ ڪري جيل اختيارين انساني همدردي طور قيدين کي عمارت کان ٻاهر ڪڍيو هو، جڏهن ته ملير جيل جي معطل سپرينٽنڊنٽ جو چوڻ هو ته قيدي بيرڪن جا گيٽ ٽوڙي ٻاهر نڪري آيا هئا.

ملير جيل ۾ 6022  قيدي موجود* 197 ڀارتي ۽ 50 افغاني شهري شامل

ملير: ملير جيل ۾ ڪل 6022 قيدي موجود آهن، جن ۾ 247  غير ملڪي قيدي آهن، جن مان 197 ڀارتي ۽ 50 افغاني شهري شامل آهن.

ملير جيل جي حفاظت لاءِ 228 عملو مقرر ٿيل!!

ملير: ملير جيل جي حفاظت لاءِ 228 عملو مقرر ٿيل آهي،  جيڪو ٽن شفٽن صبح ، شام ۽ رات جي وقت ڊيوٽي ڪندو آهي، ملير جيل ۾ ڪل 7 سرڪل آهن، هر سرڪل تي رات جي وقت 2 اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا آهن.

ملير جيل ۾ ڪنٽرول روم ناهي * قيدين جي چرپر  تي نظر رکڻ لاءِ ڪيميرائون به ناهن

ملير: ملير جيل ۾ ڪنٽرول روم ناهي، جڏهن ته قيدين جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ سي سي ٽي وي به لڳل ناهي سي سي ٽي وي لاءِ انتظاميه پاران لکيو ويو آهي، سروي پڻ ٿي چڪي آهي.

گهرو وزير، آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز ملير جيل پهتا: متاثر حصن جو معائنو

ملير: گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، آءِ جي جيل قاضي نظير احمد، سي سي پي او ڪراچي جاويد عالم اوڍو ملير جيل پهچي واقعي جا تفصيل معمول ڪيا، هنن جيل جي متاثر حصن جو معائنو پڻ ڪيو.