ملير (رپورٽر) ملير جيل مان 22 ڀارتي مهاڻا آزاد: اڄ کين ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ ملير  جيل مان آزاد ڪيل 22 ڀارتي مهاڻن کي سرڪاري اداري جي نگراني ۾ ايڌي فائونڊيشن جي سهڪار سان بس ذريعي لاهور موڪيلو ويو، جتان اهي اڄ واگها بارڊر ذريعي ڀارت ويندا. جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه ٻڌايو ته آزاد ڪيل مهاڻن ۾ 3 مسلمان ۽ 19 هندو آهن، انهن کي پاڪستاني ساموندي حدن  خلاف ورزي تان گرفتار ڪيو ويو هو، اهي اڍائي کان 3 سالن  کان قيد هئا.