سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات لڳ ڀڳ 12هين وڳي ڌاري ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ ٿيندڙ شديد فائرنگ سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءَ پيدا ڪري ڇڏيو هو، پوليس جيل جي سامهون روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو، ماڻهو پريشاني ۾ پڇندا رهيا ته فائرنگ ڇو ٿي رهي آهي. صحافين به پوليس سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا ته جيئن خبر لهجي.، ان بعد پتو پيو ته جيل مان قيدي فرار ٿي ويا آهن. جنگين، گھرو ويڙهه يا ڪنهن به ايمرجنسي جي صورتحال کي ڇڏي ڪري معمول جي حالتن ۾ ڪنهن به جيل مان 216 قيدين جي فرار ٿيڻ جو هي انوکي ۽ گنيز بُڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ لکڻ جهڙي واقعي جو “ڪريڊٽ” يقينن جيل انتظاميا ڏانهن وڃي ٿو. ابتدائي طور ڪو به واضح موقف نه ڏنو ويو. توڻي جو آءِ جي جيلز قاضي نظير ۽ ڊي آءِ جي جيلز محمد حسن سهتو پاڻ جيل پهچي چڪا هئا، ان بعد گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار به جيل پهتو. پهرين چيو ويو ته زلزلي جي جھٽڪن سبب ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا هئا، قيدين ۾ خوف پيدا ٿي ويو، انهن بيرڪس ٽوڙيون، کليل ميدان تي گڏ ٿي ويا ۽ جيل اهلڪارن سان جھيڙو ڪري دروازا ٽوڙي ٻاهر ڀڄي ويا. بعد ۾ ٻڌايو ويو ته 5 سئو کان هڪ هزار قيدي مرڪزي گيٽ وٽ گڏ ٿيا. ڪالهه منجهند جو جيل سپرنٽينڊنٽ اهو انگ 2 هزار کان اڍائي هزار ٻڌايو، هن جهيڙي دوران اهلڪارن شديد هوائي فائرنگ ڪئي، طاهر نالي هڪ قيدي مارجي ويو، 4 قيدي زخمي ٿيا، 4 کن اهلڪار به زخمي ٿيا.
اسان حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جيل پهتاسين، جيل ٻاهران قيدين جا وارث سراپا احتجاج بڻيل هئا، هڪ عورت اوڇنگارون ڏئي رهي هئي، اسان کي ڏسي اڳيان وڌي آئي ۽ پڇڻ لڳي ته ڇا جيل ۾ سڀ قيدي مارجي چڪا آهن؟ اسان کيس دلاسو ڏيندي ٻڌايو ته جيل ۾ سڀ قيدي ٺيڪ آهن، پوءِ به مطمئن نه ٿي، روئندي رهي. جيل انتظاميا انهن کي پنهنجي پيارن سان ملاقات ڪرڻ نه ڏئي رهي هئي، جنهن ڪري اهي جيل ٻاهران پريشان هئا. اسان جيل جي مرڪزي گيٽ مان داخل ٿياسين، ڪجهه ئي فاصلي تي ٻيو گيٽ هو، ان گيٽ مان داخل ٿياسين ته فرش تي رت لڳل هو، ڪجهه جوتا پيل هئا، هن گيٽ سان گڏ هڪ ٻيو گيٽ آهي، ان مان اندر داخل ٿيندي ئي هر طرف ٽٽل شيشا پيل هئا، ٻوٽا ٽڙيل پکڙيل هئا، سي آر او روم جو در ۽ دريون ٽٽل هيون. پٽ تي پيل پٿر ٻڌائين پيا ته پٿراءَ به ٿيو هو، گيٽ تي گولين جا نشان هئا، اي ڪورٽ روم جي ٻاهران گولين جا خول پيل هئا، ايئر ڪنڊيشن ٽٽل هئي، ڪرسيون ڀڳل هيون. هڪ اهلڪار ٻڌايو ته زلزلي جا جھٽڪا محسوس ٿيا ته قيدي ڊڄي ويا، رڙيون ڪرڻ لڳا، اهي 4 نمبر سرڪل مان بيرڪس ٽوڙي ٻاهر نڪتا ۽ بعد ٻين بيرڪس ڏانهن ڀڳا، انهن بيرڪس جا لاڪ ٽوڙي ٻين قيدين کي به ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ هجوم جي صورت ۾ گيٽ طرف آيا، ٻنهي وڏن دروازن جا لاڪ ٽوڙي فرار ٿيا. هن سڄي منظر ڪشي بعد مون کي نه لڳو ته قيدين بيرڪس ٽوڙيون هونديون، بيرڪس ايتريون ڪمزور ناهن هونديون، بيرڪس مان فرار ٿيڻ لاءِ منظم منصوبابندي جي ضرورت پوندي آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته زلزلي جي جھٽڪن سبب انتظاميا ‘رحم’ کائي قيدين کي بيرڪس مان ٻاهر ڪڍيو پر ان لاءِ انتظاميا کي جيڪا تياري ڪرڻ کپندي هئي، اها تياري نه ڪئي وئي، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ۽ ايئن صورتحال انتظاميا جي هٿن مان نڪري وئي. جيل ۾ اسان کي ڪا به اهڙي ديوار نظر نه آئي، جنهن ۾ ڏار پئجي ويا هجن، جيل ۾ نفري به گھٽ هئي، اهلڪار پوئتي هٽي ويا، مورچن تي ويٺل اهلڪار ۽ ايف سي جي جوانن فائرنگ ڪري ڏني. ٻڌايو پيو وڃي ته اهلڪار فائرنگ نه ڪن ها ته سمورا قيدي فرار ٿي وڃن ها. جيل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل ناهن، اهو ئي سوال اسان سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه کان پڇيو ته هن وراڻيو اسان سي سي ٽي وي ڪيمرائن لاءِ سنڌ حڪومت کي لکي چڪا آهيون.
ڇا جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو واقعو سازش آهي؟ اهو سوال به ان لاءِ اٿي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيلن مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو معاملو ايترو سادو نٿو هجي، ڪٿي نه ڪٿي سهولتڪاري ضرور هوندي. اڃا گذريل مهيني آءِ جي جيلز قاضي نظير ۽ ڊي آءِ جي جيلز محمد حسن سهتو وچ ۾ “اختيارن” تان دنگل ٿيو هو، واٽس ايپ تي آءِ جي جيلز جا آڊيو ميسيج وائرل ٿيا هئا، جنهن ۾ هو نه صرف ڊي آءِ جي تي الزام لڳائي رهيو هو پر سندس خلاف گٿا لفظ به ڳالهائي رهيو هو. آءِ جي کي لڳي پيو ته مون کان وڌيڪ ڊي آءِ جي جي هلندي آهي. ٻيو اهو ته ڊي آءِ جي منهنجي خلاف سازشون ڪري آءِ جي ٿيڻ چاهي ٿيو. ٻنهي آفيسرن ۾ تڪرار سبب کاتي ۾ گروپ بندي هئي، ڪو آفيسر ڊي آءِ جي جو ته ڪو آفيسر آءِ جي جي پاسي هو، ٻنهي هڪٻئي خلاف چيف سيڪريٽري کي خط به لکيا پر اسان کي ذريعن ٻڌايو ته صوبائي وزير علي حسن زرداري ٻنهي کي في الحال خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايئن سيز فائر ٿيو پر اختلاف قائم رهيا. آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ اختلافن کي نظر ۾ رکندي هن واقعي کي سازشي ٿيوري کڻي نه سمجھجي پر جڏهن اختيارن تان جنگ لڳندي آهي ته چين آف ڪمانڊ ختم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اهڙا سانحا ٿيندا آهن. ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن ڪيبينٽ ۾ به اختلافن جا فواهه اٿن ٿا پر گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار وزيرن ۾ اختلافن واري افواهه کي رد ڪيو. گھرو وزير چيو ته وزيرن ۾ اختلاف ناهن، جيل سطح تي بدانتظامي ٿي آهي. جيلن وارو وزير ملڪ ۾ موجود ناهي، مون کي صوبائي وزير پاڻ فون ڪئي. هي وڏو واقعو هو، آئون رات جو جيل پهتس، ڪو به وزير نه چاهيندو ته سندس کاتي ۾ خرابي پيدا ٿئي. هي جيل انتظاميا جي نااهلي آهي، واقعو پلانٽيڊ نٿو لڳي. فرار ٿيندڙ قيدي ميجسٽريٽ ٽرائل هيٺ آهن، منشيات ۽ چوري جي ڪيسن ۾ بند آهن. وزيراعلي هائوس ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، آءِ جي جيلز کي هٽايو ويو آهي، ڊي آءِ جي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي معطل ڪيو ويو. واقعي جي جاچ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي سونپي وئي. فرار ٿيندڙ قيدين کي 24 ڪلاڪن جي مهلت آهي، گرفتاري ڏين، ٻي صورت ۾ کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا. فرار ٿيندڙ قيدين جو رڪارڊ آهي، اڄ نه ته 2 ڏينهن بعد گرفتار ٿيندا. هن واقعي تي وڏو وزير به ساڳيو موقف رکي ٿو، بهرحال هاڻي جاچ ٿيندي، جاچ بعد خبر پوندي ته واقعو بدانتظامي آهي يا سازش؟ گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي به سنجيده ٿيڻو پوندو ته اهي 216 قيدي کڻي ننڍن ڏوهن ۾ بند هئا، معمولي ڏوهن ۾ ملوث فرار ٿي سگھن ٿا ته خطرناڪ ڏوهاري به فرار ٿي سگھن ٿا. ملير جيل جي قيدين جو هي ڪارنامو ٻين قيدين لاءِ مثال بڻجي نه وڃي، ان کان اڳ سنڌ حڪومت هن واقعي کي جيل اختيارين لاءِ مثال بڻائي ڇڏي.