ملير (رپورٽر) ملير جيل مان فرار ٿيل 6 قيدي پاڻمرادو جيل پهچي ويا، ان ڏس ۾ ملير جيل مان فرار ٿيل 225 قيدين مان وڌيڪ 6 قيدين پاڻمرادو ملير جيل پهچي گرفتاري ڏني، ان موقعي تي قيدين چيو ته زلزلي جي خوف وچان ٻين قيدين سان گڏ فرار ٿياسين، اسان پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي آهي. جيل انتظاميه موجب هن وقت تائين 158 قيدي گرفتار ٿيا آهن، باقي 67 قيدين جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.