ملير جيل جا وڌيڪ 31باندي پيش: جيل کاتي جي انتظامي عهدن تي پوليس آفيسر ۽ ڪامورا مقرر ٿيندا: آرڊيننس جاري

0
20
ملير جيل جا وڌيڪ 6 قيدي پيش: 67 ڀاڳيلا قرار
ملير جيل جا وڌيڪ 6 قيدي پيش: 67 ڀاڳيلا قرار

ملير(رپورٽ : ناز شر) ملير جيل مان فرار ٿيل 216 مان وڌيڪ 31باندي پيش پيا  گرفتاري  ڏيندڙ باندين جو انگ 114 ٿي ويو : 102  ڀاڳيلا قرار، ان ڏس ۾ ملير جيل مان 216 قيدين جي هجوم جي صورت ۾ فرار ٿيڻ بعد حالتون معمول تي اچي ويون، ڪالهه نئين مقرر ٿيل سپرنٽينڊنٽ شهاب الدين صديقي چارج وٺي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سنڌ سرڪار جي اڄ ڏينهن تائين پيش پوڻ جي ڏنل مهلت تي  وڌيڪ 31 باندي پيش پيا، جنهن بعد گرفتار ۽ پيش پوندڙ قيدين جو انگ 114 ٿي ويو،  اڃا 102 باندي غائب آهن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته فرار ٿيل قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، فرار ٿيل قيدين جا  گهر ڀاتي کين پاڻمرادو پيش ڪرائي رهيا آهن، هن چيو ته سمورن ڀاڳيلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ملير جيل مان 216 قيدي فرار ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ جيلز کاتي ۾ انتظامي عهدن تي کاتي مان ئي آفيسر مقرر ڪرڻ وارو قانون تبديل، قانون کاتي پاران گورنر ڏانهن قانون ۾ ترميم وارو اماڻيل مسودو وقتي گورنر منظور ڪري ڇڏيو، نئين آرڊيننس تحت وفاقي توڙي صوبائي پوليس سروس ۽ سول سروس جا آفيسر به آءِ  جي جيلز، ڊي آءِ جي جيلز ۽ جيل سپرنٽنڊنٽس مقرر ٿي سگھندا، آءِ جي جيلز ۽ ڊي آءِ جي جيلز جي مقرري جا اختيار وڏي وزير ۽ 18هين گريڊ جي پوسٽن تي مقرري جا اختيار جيلز  واري وزير حوالي هوندا. ان ڏس ۾ ملير جيل ٽوڙي قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي بعد صوبي جي سموري جيلن ۾ انتظامي عهدن تي مقرري جي حوالي سان موجود قانون تبديل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڄاڻ موجب  قانون واري کاتي جي اختيارين انتظامي عهدن تي مقررين واري قانون ۾ تبديلي جي حوالي سان مسودو تيار ڪري وقتي گورنر سيد اويس قادر شاھ ڏانهن اماڻيو  هو، جنهن بِنا دير آرڊينينس منظور ڪري ورتو. نئين آرڊيننس تحت آءِ جي جيلز، ڊي آءِ جي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جي عهدن تي وفاقي توڙي پوليس سروس ۽ سول سروس جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر مقرر ٿي سگھندا. جڏهن ته نئين آرڊينينس تحت وڏو وزير آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيلز جي عهدن تي 20 يا 21 گريڊ جا آفيسر مقرر ڪندو، جڏهن ته  جيلن واري وزير کي 18هين گريڊ جا اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي ) جيلز ۽ سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪرڻ جا اختيار هوندا. آرڊينينس تحت جيلن جا سينيئر سپرنٽينڊنٽ ۽ سپرنٽينڊنٽ به انتظامي يا پوليس سروس مان مقرر ڪيا ويندا.

انڪوائري ڪاميٽي  پاران جاچ شروع: 2 ايس ايم جيز گم

ملير: ملير جيل مان 216 قيدي جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي انڪوائري ڪاميٽي  جاچ شروع ڪري ڇڏي، ذريعن موجب جيل ٽوڙڻ دوران ڪجهه شرپسند قيدين سيڪيورٽي اهلڪارن سان 2 ايس ايم جي ڦر ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، اهي 2 ايس ايم جي اڃا تائين گم آهن، جاچ دوران ڪهڙن قيدين هٿيار ڦر ڪيا ۽ اهي ڪهڙي طرف فرار ٿيا؟ اها خبر  پئجي ناهي سگهي، جاچ ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته فرار ٿيل 216 مان 102 قيدي اڃا غائب آهن.

گلبرگ واسي قيدي آصف کي مامو جيل پهچائي ويو!

ملير: ملير جيل مان فرار ٿيل گلبرگ واسي قيدي آصف کي سندس مامو اسلم ملير جيل پهچائي ويو، ان موقعي تي قيدي آصف چيو ته  زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿيڻ تي قيدي بيرڪ کان ٻاهر نڪرڻ لڳا، قيدين کي روڪڻ لاءِ ڪير به نه هو، سمورا قيدي مين گيٽ کان ٿيندا ٻاهر روڊ تي نڪري آيا، هن چيو ته مون کي جيل ۾ 10 مهينا ٿي ويا آهن، منهنجو ڪيس هلي رهيو آهي. آئون پنهنجي سزا مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو.

قيدي ڪيئن ڀڳا؟ وزير اهلڪارن کان ڌڪا ڏياري ڊيمو ورتو

ملير: جيلن وارو صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري واقعي جي 3 ڏينهن بعد ملير جيل پهتو، هن  نئين مقرر ٿيل جيل سپرنٽينڊنٽ شهاب الدين صديقي ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي کان تفصيل ورتا، هن  جيل اندر ٿيل ڀڃ ڊاهه ۽ گيٽ جو معائنو ڪيو ۽ ماڙي واري گيٽ تي اهلڪارن کان ڌڪا ڏياري ڊيمو ورتو، صوبائي وزير جيل اندر ڪرپشن ۾ ملوث هيڊ ڪانسٽيبل راشد چنگاري کي معطل ۽ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏايندي چيو ته جيل مان فرار ٿيندڙ قيدي پاڻ واپس اچن، سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيندي، هن چيو ته ملير جيل واقعي تي سنڌ حڪومت جاچ ڪاميٽي جوڙي آھي. رپورٽ اچڻ کان اڳ واقعي بابت ڪجهه به ڳالھائڻ مناسب نه ھوندو، هن چيو ته اسان سٺو ڪم ڪريون ٿا، اسان جي  ھمت افزائي به ڪئي وڃي.

حاجي علي حسن زرداري پاران ڪرپٽ جمعدار راشد چنگاري جي معطلي ۽ گرفتاري جو حڪم

ملير: جيلن واري وزير حاجي علي حسن زرداري ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ملير جيل جي جمعدار راشد چنگاري کي معطل ۽ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي آءِ جي جيلز راشد خان عرف چنگاري کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

ملير جيل ۾سيڪيورٽي هاءِ الرٽ: ايف سي ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر

ملير: ملير جيل مان 216 قيدي  فرار ٿيڻ واري واقعي بعد سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي ايف سي ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر ڪيا ويا. هوڏانهن جيل مان قيدين کي عدالتن ۾ حاضرين تي پيش نه ڪيو ويو.