ملير تڏھن ٿي مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءَ

0
62
ملير تڏھن ٿي مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءَ

منظر پھريون:

1976ع ۾ ڪراچي جي ٻھراڙي واري علائقي ڪاٺوڙ  ۾ پرائمري استاد جو آرڊر مليو، جتي ڪاٺوڙ جي مختلف پرائمري اسڪولن ڪمال خان جوکيو، لال بخش ڪاڇيلو، عبدالرحمان ڇٽو ۽ بعد ۾ گڏاپ جي علائقي يعقوب بروھي ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ڪاٺوڙ، گوربان، ڪوٽيرڙو، ڍير، اميلاڻو، ڊملوٽي، ميمڻ ڳوٺ، پپري، گھگھر، ڪونڪر، گڏاپ (جنھن کي مقامي ماڻھو چون “ميڄڻ”) ۽ ٻيا ملير جا علائقا پيرن ھيٺيان لتاڙياسين. ان وقت (1976ع) سمورو ملير ضلعو ڪراچي ميٽرو پوليٽن ايريا کان ٻاھر ضلعي ڪائونسل  ڪراچي جي حدن ۾ ايندو ھو. ملير ۾ مختلف مقامي برادرين جا راڄ صدين کان  آباد ھئا. ڪراچي شھر جون حدون ھڪ طرف سھراب ڳوٺ ته ٻئي طرف قائد آباد ته ٽئي طرف گل بائي تائين محدود ھونديون ھيون.

                 ملير جي پنھنجي خوبصورتي، خوبصورت باغن، زرخيز زمينن  ڪري مشھور ھوندي ھئي. جر جو پاڻي جام ھو. واھي چاھي گذر سفر جو ذريعو  ھوندو ھو. مقامي برادريون جوکيا، ڪلمتي، ميمڻ، پالاري، برفت، گوندر، ڪاڇيلا، ڇٽا، بڪڪ، ٻرا، گبول، خاصخيلي، بروھي، ڪانڙا ۽ ٻيون برادريون مرڻي پرڻي ڏک سک ۾  گڏ ۽ ھڪ ٻئي جون ڪلھي ڪانڌي ھونديون ھيون. علائقي ۾ سک ۽ شانتي ھوندي ھئي. ملير جي زرخيزي جو دارو مدار ملير نئين تي ھوندو ھو. خود ملير لفظ جي معنا آھي: “سرسبز ۽ شاداب”. علائقي ۾ اڄ به چوڻي  مشھور آھي ته، “ملير تڏھن ٿي مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءَ.” مول ندي ڪوھستان جي ڏورانھين جابلو علائقن مان برساتي پاڻي آڻي ڪراچي جي حدن ۾ ملير ندي ۾ ڇوڙ ڪندي آھي. ملير نئين جون ٻيون ڀرتي واريون نئيون ۽ ڍورا  آھن: سڪڻ، جھرندو، کديجي، لنگھيجي ۽ ٿڌو. ھنن سڀني  ڱڏجي سڏجي ملير کي سر سبز بنايو ھو. ھتي ھر قسم جي ڀاڄين کان سواءِ زيتونن، پپيتن. ڦاروَن جا باغ ھوندا ھئا ۽ ملير نئين، ملير واسين کي ايئن لاڏ ڪوڏ سان نپايو ھو، جيئن ماءَ پنھنجي ٻچڙي کي. ملير ڪراچي جي دل آھي ته ڪراچي شھر جا ڦڦڙ پڻ!! ملير جي گرين بيلٽ سبب شھر جي فضائي آلودگي ۾ گھٽتائي ٿئي ٿي. ھن علائقي ۾ چوڪنڊين جي تاريخي قبرستان سان گڏ ملڪ طوطا خان جھڙا تاريخي قبرستان ۽ ڪيترائي تاريخي ماڳ ۽ مڪان موجود آھن.

منظر ٻيو:

توھان ضرور سوچيندا ھوندا ته مون ماضي جو صيغو ڇو استعمال ڪيو آھي؟ جڏھن ته ملير ۽ ان جون نئيون، ڍورا، ماڳ مڪان اڄ به موجود آھن. الميو چئجي جو 48 سال گذرڻ کان پوءِ سمورو منظر تبديل ٿي ويو آھي ملير ھن وقت ٻن مافيائن بجري مافيا ۽ بلڊر مافيا جي وچ ۾ سينڊوچ بڻيل آھي. بجري مافيا ملير ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ نئين مان ريتي بجري کڻي ملير جي زرخيزي ۽ سونھن کي ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي. جر جو پاڻي ختم ٿيڻ سبب  باغ اجڙي ويا آھن ۽ وڏي ماحولياتي تباھي اچي چڪي آھي. تاريخي ماڳ ۽ مڪان ميسارجي رھيا آھن. مقامي ماڻھن جي گذر سفر جا وسيلا سڪڙجي ويا آھن. انھيءَ تباھي تي بلڊر مافيا خوش آھي، جو سندن نظرون ملير جي زمين تي آھن. انھن زمينن تي نيون ھائوسنگ اسڪيمون ٺاھي اربين روپين جو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪيو  پيو وڃي.

بدقسمتي ھي آھي جو صدين کان رھندڙ مقامي قبيلن جي انساني حقن جو احترام نه ڪيو پيو وڃي. سندن ئي زمينن تي پورٽ قاسم، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ٻيا ڪارخانا قائم ڪيا ويا، پر مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا در بند آھن. اھڙي طرح ھڪ طرف پرائيويٽ بلڊر ته ٻئي طرف حڪومتي اسڪيمون، بحريا، ڊي ايڇ اي ۽ ايجوڪيشن سٽي جي نالي سان زمينن جي والار جاري آھي. اڄ صورتحال ھي آھي جو ريتي بجري ۽ بلڊر مافيا ملير جون حدون ٽپي ٺٽي ۽ ڄامشوري جي ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ داخل ٿي چڪي آھي. ريتي بجري جي کڻڻ سان علائقي جا وڻ ٽڻ ختم ٿيڻ سان گڏ چوپائي مال توڙي جھنگلي جيوت جو جياپو تقريبن ختم ٿي چڪو آھي. جھنگلي جيوت جا ڪيترائي ناياب نسل ناپيد ٿي چڪا آھن. اسين دنيا جي اھا بدقسمت قوم آھيون، جنھن فطرت جي ڳچيءَ ۾ ھٿ وڌا آھن. دنيا جون مھذب قومون پنھنجي ٻھراڙين ۽ زرعي زمينن تي وڌيڪ سيڙپ ڪري سھولتون پھچائي انھن کي محفوظ بنائي رھيون آھن. ٻئي طرف اسين آھيون، جيڪي جيري ڪاڻ ٻڪري ڪھڻ لاءِ ھر وقت تيار آھيون. انھيءَ شعور کان وانجھيل آھيون ته فطرت سان ھٿ چراند درحقيقت پنھنجي ‘ڊيٿ وارنٽ’ تي صحي ڪرڻ برابر آھي .

منظر ٽيون:

سموري سنڌ، خاص ڪري ملير ھن وقت ڌاري آبادي جي دٻاءَ کي منھن ڏئي رھيو آھي. انھيءَ زميني والار ۽ ھائوسنگ سوسائٽين ۾ جڏھن ڌاري آبادڪاري ٿيندي، تڏھن خطرناڪ حد تائين سنڌي ماڻھن جي آبادي جو توازن خراب ٿي ويندو. نتيجي طور سندن سياسي سگھ ختم ٿي ويندي، جنھن ڪري کين ٻئي نمبر شھري طور زندگي گذارڻي پوندي. ھن سموري علائقي مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ملندي ۽ مارڪيٽ ايڪانومي تي ڪنھن ٻي ٻوليءَ جو واھپو ٿي ويندو. سنڌي ٻولي محدود دائري ۾ سُسي ۽ سڪڙجي سيڪنڍ لئنگويج ٿي ويندي ۽ ٻوليءَ جي سڪڙجڻ ۽  مقامي ماڻھن جي اقليت ۾ اچي وڃڻ سبب ھتان سنڌي ثقافت جون خوبصورت روايتون ختم ٿي وينديون.

نيٺ ڇا ڪجي؟

ھتي اھو سوال پنھنجي جگھ تي ضرور موجود آھي ته آخر ترقي جي مخالفت ڪرڻ ڪھڙي دانشمندي آھي؟ پر آخر سوال ٿو پيدا ٿئي ٿو ته ترقي ڪنھن جي لاءِ؟ بقول سنڌ جي ڏاھي دانشور نصير ميمڻ موجب ته، ترقي توڙي مائنڊ سيٽ جي حوالي سان  ٺٽي ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ ھڪ صديءَ جو فرق آھي. ھتي ٺٽي ۽ ڄامشوري کي ته ھڪ طرف، پاسيرو رکو پر خود ملير جي ٻھراڙي ۽ ڪراچي شھري آباديءَ وچ ۾ ھڪ صديءَ جو مفاصلو رکيو ويو آھي. ان جو بنيادي سبب فيوڊل ڪلاس جيڪو اقتدار جو ڌڻي آھي، ان جي بيحسي ۽ حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب ڄاڻايل صورتحال پيدا ٿيل آھي.

مٿي ڄاڻيل حقيقي خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ضروري آھي ته حڪومتي سطح تي تڪڙا قدم کيا وڃن. نئين رھائشي اسڪيمن ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ سيڪڙو پلاٽ ملير جي مقامي ماڻھن لاءِ رعايتي اگھن تي مختص ڪيا وڃن. سندن اولاد لاءِ بھترين تعليمي سھولتون پيدا ڪيون وڃن ۽ مقامي سنڌي ماڻھن کي گھرجي ته علائقي ۾ اڀرندڙ ڪاروباري سرگرمين ۾ سيڙپڪاري ڪن ته جيئن سنڌي ٻولي مارڪيٽ اڪانومي جو حصو بڻجي سگھي ۽ اسين پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت کي محفوظ بنائي سگھون. ٻي صورت ۾ اسان جي ٿوري به لاپرواھي اسان جي قومي وجود کي ميساري ڇڏيندي.