ملير(رپورٽ: ناز شر ) ملير ۾ مامي ۽ ماميءَ  هٿان تشدد  جو شڪار ٻارڙيءِ جي حالت نه سڌري: اڄ آپريشن جو فيصلو: صوبائي وزير شهلارضا پاران قانوني مدد جو اعلان، ان ڏس ۾ شاهه لطيف جي سيڪٽر 17 بي ۾ مامي  ۽ ماميءِ پاران  تشدد ڪيل  7 ورهين جي معصوم ڪبريٰ لاشاري جي صحت ۾ سڌارو نه آيو،  ان سلسلي ۾ ٻارڙيءِ  جي ٻئي مامي عبدالرزاق لاشاري ٻڌايو ته جناح اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل معصوم ڪبريٰ لاشاري جي حالت خراب آهي، ڊاڪٽرن پاران اڄ سندس آپريشن ڪيو ويندو، ٻئي طرف ڪيس ۾  نامزد جوابدار سلمان لاشاري ۽ سندس زال ثمرين کي ملير جوڊيشل مئجسٽريٽ 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوڙي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس پاران رات دير سان گرفتار ڪيل ٽئين جوابدار غفار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، ٻئي طرف  عورتن جي ڀلائي واري وزير شهلا رضا جناح اسپتال پهچي معصوم ڪبريٰ لاشاري جي عيادت ڪرڻ بعد سندس امڙ کان واقعي جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي شهلا رضا کين طبي ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. صوبائي وزير اين آءِ سي ايچ جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪري  ٻارڙي کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، شهلا رضا چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊي جي سان رابطو ڪري ٻارن تي تشدد ۽ ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙن واقعن خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، هوڏانهن ملير جي ايس ايس پي (جاچ ) عارب مهر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو  ته مون پاڻ جناح اسپتال پهچي متاثر ٻارڙيءَ جي عيادت ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن  سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي،  ڊاڪٽرن زيادتي جو شڪ ڏيکاري جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن فائنل ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو، ايس ايس پي موجب هن ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي جي سطح جي عورت آفيسر ڪندي، آئون پاڻ به جاچ جي نگراني ڪندس